Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook

عربي سمنڊ

هندي وڏو سمنڊ جو اُتريون علائقو

عربي سمنڊ (انگريزي: Arabian Sea) ھندي وڏي سمنڊ جي خطي ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ پاڪستان ۽ ايران، اولھ م عدن وارو نار، گارڊافوئي چينل ۽ عربستان جو اپٻيٽ آهي. اوڀر کان ڀارت آھي. ھن سمنڊ جي جملي پکيڙ 38,62,000 چورس ڪلوميٽر (14,91,000 چورس میل) آھي ۽ ان جي وڌ کان وڌ اونھائي 4٬652 ميٽر (15٬262 ft) آھي. عدن وارو نار کيس باب المندب نھر ذريعي ڳاڙھي سمنڊ سان ملائي ٿو، ۽ عمان جو نار کيس ايراني نار سان ملائي ٿو.

عربي سمنڊ
مڪران
center
پاڻي جو قسمسمنڊ
حصو آهيھندي وڏو سمنڊ (Indian Ocean)
سامونڊي طاسپاڪستان، انڊيا، ايران، مالديپ، عمان، صوماليا، متحده عرب امارات، يمن
وڌ کان وڌ ويڪر2٬400 km (1٬500 mi)
سطحي پکيڙ3٬862٬000 km2 (1٬491٬000 sq mi)
وڌ کان وڌ اونھائي4٬652 m (15٬262 ft)
ٻيٽ ايسٽولا ٻيٽ، چرنا ٻيٽ، منوڙا ٻيٽ، شمس ٻيٽ، بابا ٻيٽ، بساواراجا درگا ٻيٽ، لکشادويپ ٻيٽ، پرام ٻيٽ، پيروٽان ٻيٽ، سوڪوترا ٻيٽ
آباديونڪراچي، گوادر، عدن، مسقط، ڪوچين، گوا، ممبئي، دبئي
مڪران یا ماڪوران سمنڊ

ھن سمند جا مشھور بندر ھيٺيان آھن:

جاگرافي

سنواريو
 
خلا مان عربي سمنڊ جو ڏيک

عربي سمنڊ جي سطح جي پکيڙ لڳ ڀڳ3٬862٬000 km2 (1٬491٬130 sq mi) آهي.[1]سمنڊ جي وڌ کان وڌ ويڪر لڳ ڀڳ 2٬400 km (1٬490 mi) آھي. ۽ اونھائي 4٬652 ميٽر (15٬262 ft). درياءَ سنڌ ھن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو درياءَ آھي.

 
سترھين صدي عيسويءَ جو نقشو
  1. Arabian Sea, Encyclopædia Britannica