Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن هلو

ائٽلس (ڪردار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ائٽلس (Atlas) يوناني ديومالا جو هڪ طاقتور ڪردار جيڪو ڌرتيءَ جي گولي کي ڪلهي تي کڻي بيٺل ڏيکاريو ويندو آهي. هن کي ڌرتيءَ جي علمن جي ڄاڻ هئي، کيس سمنڊ جي اونهاين جي خبر هئي، زمين ۽ آسمان کي ڌار رکندڙ ٿنڀن جو سنڀاليندڙ هو. هي ديوتا Iapetus ۽ Cymene جو پُٽ ۽ پروميٿيس Prometheus جو ڀاءُ هو. ڪٿا موجب ائٽلس ڪنھن موقعي تي ديوتائن جي ديوتا زيوس Zeus جي حڪم جي نافرماني ڪئي هئي، جنھنڪري هن کي سزا طور زمين ڪلهي تي کڻي بيھڻ جو حڪم مليو. پروميٿس جي التجا تي هن جي سزا معاف ٿي، پر کيس پٿر بنايو ويو. اتر آفريڪا جو ائٽلس جبل ان جي نالي سان منسوب آهي. ان ئي حوالي سان جڏهن سورهين صديءَ ۾ ڌرتيءَ جا نقشا وغيره ٺھڻ لڳا تہ انهن کي ’ائٽلس‘ چوڻ شروع ڪيائون. هاڻي نقشن جي ڪتاب کي بہ ائٽلس Atlas چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]