Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

اتحادي فوجن جو يورپ ۾ مُک فوجي مرڪز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اتحادي فوجن جو يورپ ۾ مُک فوجي مرڪز (Supreme Headquarters Allied Powers in Europe, SHAPE) نيٽو معاهدي جي فوجن جو مرڪز بيلجيم جي شھر ”مونر“ جي علائقي ”ڪاستيا“ ۾ 1951ع کان قائم آهي ۽ يورپي مُلڪن ۾ فوجي سرگرمين تي نظر رکي ٿو. پر تازو 2003ع ۾ ان اداري کي سڄي دُنيا ۾ نيٽو فوجن جي آپريشن جو مرڪز بڻايو ويو آهي. آمريڪي فوجن جو ڪو بہ سينئر چئن تارن وارو جنرل هن اداري جو ڪمانڊنگ آفيسر يا سربراھ سڏائبو آهي. اداري جو پھريون سربراھ ۽ بانيڪار جنرل آئزن هاور هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد