Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن هلو

اعظم بستي

بيھڪ: 24°50′50″N 67°04′36″E / 24.84722°N 67.07667°E / 24.84722; 67.07667
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اعظم بستي
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
يو سي 3 اعظم بستي
اعظم بستي is located in سنڌ
اعظم بستي
اعظم بستي
اعظم بستي is located in Pakistan
اعظم بستي
اعظم بستي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°50′50″N 67°04′36″E / 24.84722°N 67.07667°E / 24.84722; 67.07667
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو فيروز آباد سب ڊويزن

اعظم بستي (Azam Basti) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ اختر ڪالوني اهن. 2013ع کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 3 جو ھيو. 2013ع ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائيڪي ماڻھو رھندڙ آھن. ان آبادي جي اڪثريت مسلمان آهي پر اقليت ۾ آبادي جو ھڪ نمايان حصو عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. سال 2015ع جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي عبدالخالق چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي طاھر جميل چونڊجي آيا ۽ ٻئي آزاد اميدوار ھيا.[1] ھن يو سي ۾ پکيڙ جي لحاظ کان آبادي گھاٽي آھي. ھن يو سي جي علائقن ۾ اعظم بستي ۽ اعظم ٽائون وارا علائقا شامل آهن. ھتي شھيد بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪالج، سينٽ پيٽرز اينڊ پال ھاء اسڪول، اي.آر.پي. چرچ، ھولي روزاري ڪيٿولڪ چرچ، اعظم بستي قبرستان، النور سيڪنڊري اسڪول، بخت بھاري ھاسپيٽل ۽ فاطمه جناح ڊينٽل ڪاليج واقع آھن.

حوالا

[سنواريو]