Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن هلو

ايڊنبرا

بيھڪ: 55°57′12″N 03°11′21″W / 55.95333°N 3.18917°W / 55.95333; -3.18917
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the capital of Scotland تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ ايڊنبرا (سلجھائپ) ڏسو.
ايڊنبرا
Edinburgh

Dùn Èideann
گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا
ايڊنبرا جو شهر
مرڪزي ايڊنبرگ جي اسڪائي لائن، ڊگلڊ اسٽيورٽ يادگار سان گڏ (اڳيون) ۽ ايڊنبرگ قلعو (پس منظر ۾)
اسڪاٽ يادگار
اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ جي عمارت
رائل اسڪاٽش اڪيڊمي بلڊنگ
سينٽ جائلز ڪيٿيڊرل
آرٿر جي سيٽ
ايڊنبرا جو شهر}}
قومي نشان
ايڊنبرا Edinburgh
ايڊنبرا جو پرچم[1][2]
نعرو: Nisi Dominus Frustra (Latin)
"رب جي بنان، سڀ بيڪار آھي"
جاگرافي بيهڪ: 55°57′12″N 03°11′21″W / 55.95333°N 3.18917°W / 55.95333; -3.18917
خودمختيار رياست برطانيه
ملڪ اسڪاٽ لينڊ
ڪائونسل ايريا ايڊنبرا جو شهر
ليفٽينينسي ايريا ايڊنبرا
ٺهرايو 7 صدي عيسوي کان اڳ
برگ چارٽر 1124ع
شهر جو ٽائيٽل 1633[3]
حڪومت
 • قسم سٽي ڪائونسل وحداني اختيار
 • گورننگ باڊي ايڊنبرا شھر جي ڪائونسل
 • لارڊ پرووسٽ آف ايڊنبرا رابرٽ الڊريج
 • اسڪاٽش پارليامينٽ جا ميمبر اسڪاٽش پارليامينٽ (6)
  • ايش ڊنهم (البا پارٽي)
  • انگس رابرٽسن (اسڪاٽش نيشنل پارٽي)
  • دانيال جانسن (اسڪاٽش ليبر پارٽي)
  • گورڊن ميڪ ڊونلڊ (اسڪاٽش نيشنل پارٽي)
  • بين ميڪفرسن (اسڪاٽش نيشنل پارٽي)
  • اليڪس ڪول هملٽن (اسڪاٽش لبرل ڊيموڪريٽس)
 • برطانيه جي پارليامينٽ جا ميمبر برطانيه جي پارليامينٽ (5)
  • سکاٽ آرٿر (اسڪاٽش ليبر پارٽي)
  • ٽريسي گلبرٽ (اسڪاٽش ليبر پارٽي)
  • ايان موري (اسڪاٽش ليبر پارٽي)
  • ڪرس موري (اسڪاٽش ليبر پارٽي )
  • ڪرسٽين جارڊين (اسڪاٽش لبرل ڊيموڪريٽس)
پکيڙ[4]
 • Locality 119 ڪ.م2 (46 ميل2)
 • شھري  (آبادي)[5] 126 ڪ.م2 (49 ميل2)
 • ڪائونسل ايريا[6] سانچو:Scottish council populations ڪ.م2 (اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. ميل2)
بلندي[7] 47 ميل (154 ft)
آبادي (سانچو:United Kingdom statistics year)[8](سانچو:United Kingdom statistics year)[9]
 • Locality سانچو:Scottish locality populations
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو
سرڪاري نالو ايڊنبرگ جو پراڻو ۽ نئون شهر
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو ثقافتي: iv ،ii
حوالو 728
داخلا 1995 (19th سيشن)
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو
سرڪاري نالو فورٿ برج
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو ثقافتي: iv ،i
حوالو 1485
داخلا 2015 (39th سيشن)

ايڊنبرا (انگريزي: Edinburgh، (About this sound ٻُڌو)) اسڪاٽلينڊ جي گادي جو هنڌ آھي ۽ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايريا مان ھڪ آھي. ھيءُ شھر لوٿيان علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي.[12] ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽلينڊ جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊ ھائوس پيليس برطانيا جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي طب، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. سال 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 17,50,000 سياح ھر سال ھتي آيا.

ھيءُ آباديءَ جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شھر ۽ برطانيا جو ستون نمبر وڏو شھر آھي.[13] جاگرافيائي لحاظ کان ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ آباد آھي. ھتي ڪيترائي قومي ادارا قائم آھن جن ۾ قومي عجائب گھر، قومي لائبريري ۽ قومي گئلري خاص ذڪر جي لائق آھن. ايڊنبرا يونيورسٽي سال 1582ع ۾ قائم ٿي جيڪا هن وقت دنيا جي 20 سڀ کان ساک وارين يونيورسٽين مان ھڪ آھي.[14] چرچ آف اسڪاٽلينڊ جي جنرل اسيمبليءَ جو ساليانو ميڙ بہ ھن ئي شھر ۾ منعقد ٿئي ٿو. ايڊنبرا ساليانو بين الاقوامي ميلو ھر سال آگسٽ ۾ منعقد ٿئي ٿو جنھن ۾ دنيا جي ساک وارن ادارن پاران موسيقي، راڳ رنگ، ناچ گاني ۽ اھڙين ٻين تقريبن جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو. ھتان جي تاريخي جاين ۾ ايڊنبرا جو قلعو، ھوليروڊ ھائوس محل، سينٽ گائيل جو گرجا گھر ۽ ٻيون قديم عمارتون شامل آھن.

ايڊنبرا جو نئون ۽ پراڻو شھر گڏجي يونيسڪو جي عالمي ورثي واري سائيٽ جي طور تي درج ٿيل آهي، جنهن جو انتظام ايڊنبرگ ورلڊ هيريٽيج پاران 1999ع کان وٺي رهيو آهي. شهر جا تاريخي ۽ ثقافتي ڪشش آهن. 2018ع ۾ 24 لک اوورسيز سميت 49 لک سياحن سان گڏ ان کي برطانيه جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ گهمڻ وارو شهر بڻايو ويو.[15][16]

ايڊنبرگ شهر ايڊنبرگ ڪائونسل طرفان سنڀاليو ويندو آهي، هڪ متحد اٿارٽي. سٽي آف ايڊنبرا ڪائونسل ايريا جي آبادي سال 2021ع جي اندازي مطابق 5,14,990 هئي، ۽ ان ۾ ٻاهران شهر ۽ ڳوٺ شامل آهن جيڪي ايڊنبرا جو حصو نه آهن.[9] هي شهر لوٿين علائقي ۾ آهي ۽ تاريخي طور تي مڊلوٿين جي شائر جو حصو هو (جنهن کي ايڊنبرگ شائر پڻ سڏيو ويندو آهي).

تاريخ

ھڪ اندازي مطابق، اٽڪل 8500 ق م ۾ ھتان جي جبلن تي پھريون انساني آباديون قائم ٿيون[17]. ھتي پتل ۽ لوھ واري دور جي انساني وسندين جا اھڃاڻ ملن ٿا[18]. پھرين صدي عيسويءَ ۾ رومي ھن علائقي ۾ پھتا. ان وقت ھتي ھڪ سيلٽڪ (Celtic) قبيلو موجود ھو. رومين ان قبيلي کي ووتاديني (Votadini) قبيلو سڏيو[19]. اوائلي وچئين دور ۾ اھو قبيلو گوڊوڊين سلطنت (Gododdin Kingdom) جو حصو بنجي ويو. ايڊائن (Eidyn) ھن سلطنت جو ھڪ ضلعو ھو جنھن جو مرڪز موجودہ ايڊنبرگ قلعي واري علائقي ۾ ھو[20]. لفظ ”ايڊائن“ اڳتي ھلي ”ايڊنبرا“ بنجي ويو. 638ع ۾ نارٿمبريا (Northumbria) جي سلطان اوسوالڊ (Oswald) ھن سلطنت تي قبضو ڪيو ۽ ھيءُ علائقو اينگلس (Angles) قوم جي ھٿ ھيٺ اچي ويو. اينگلس لڳڀڳ ٽي صديون ھتي قابض رھيا. 950ع ڌاري ڌارين ھن ڌرتيءَ تان پنھنجا پير پٽيا ۽ ھيءُ علائقو اسڪاٽس (Scots) جي ڪنٽرول ھيٺ آيو.

ٻارھين صديءَ جي شروع ۾ ايڊنبرا کي رائل برگھ (Royal Burgh) جو درجو ڏنو ويو[21]. اسڪاٽلينڊ ۾ رائل برگھ ھڪ اھڙي ننڍي شھر کي چيو وڃي ٿو جنھن جي چوڌاري ھڪ ڪوٽ ڏنل ھجي ۽ جنھن جي انتظام ھلائڻ لاِءِ حڪومتي سرپرستيءَ ۾ باقائدہ قاعدا ۽ قانون ٺھيل ھجن. چوڏھين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري يا پندرھين صديءَ جي شروع ۾ ھيءُ شھر اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ بنجي ويو[22]. 1544ع ۾انگريزن ھن شھر کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٿوري ئي عرصي ۾ ھن شھر ھڪ ڀيرو ٻيھر اسڪاٽلينڊ ۾ اھميت اختيار ڪري ورتي.

1603ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي بادشاھ جيمس ڇھين اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ کي ملائي ھڪ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر اسڪاٽلينڊ ھر لحاظ کان خودمختيار ئي رھيو[23]. اسڪاٽلينڊ جا ماڻھو ھن گڏيل حڪومت مان گھڻو خوش نہ ھئا، ان ڪري ملڪ گهڻِي بييچينيءَ ۽ بي يقينيءَ جو شڪار رھيو. آخرڪار 1650ع ۾ ھتي انگريزي فوجن قبضو ڪري ورتو.

1706ع ۽ 1707ع ۾ ھڪ معاھدي تحت اسڪاٽلينڊ ۽ انگلينڊ کي ملائي عظيم برطانيا جي بادشاھت (ۡKingdom of Great Britain) قائم ڪئي وئي. ھيءَ نئين بادشاھت 1 مئي 1707ع ۾ قائم ٿي[24]. اسڪاٽلينڊ جي پارليمينٽ کي انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ ضم ڪري عظيم برطانيا جي پارليامينٽ (Parliament of Great Britain) جو بنياد رکيو ويو ۽ ان جون آفيسون ويسٽمنسٽر (Westminster) لنڊن ۾ قائم ڪيون ويون. اسڪاٽلينڊ جا عام ماڻھو ھن ميلاپ مان خوش نہ ھئا ۽ ايڊنبرگ سميت اسڪاٽلينڊ جي ٻين شھرن ۾ وڳوڙ ٿيا.

سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ ھتان جي آدمشماري تيزيءَ سان وڌي ۽ ھيءُ شھر برطانيا جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباديءَ وارو شھر ليکجڻ لڳو. رھائش جون ضرورتون پرويون ڪرڻ لاءِ ھتي ڪيتريون ئي گھڻماڙ عمارتون ٺاھيون ويون. ارڙھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ مقامي دانشورن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جي ڪوششن سان ھن شھر ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ طرف وکون کڻڻ شروع ڪيون ۽ ھيءُ شھر دنيا جي جديد ۽ خوشحال شھرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ھيءُ شھر پنھنجي تاريخي ۽ خوبصورت عمارتن ۽ بھترين تعليمي ادارن سبب ”اُتر جو اٿينس“ (Athens of North) سڏجڻ لڳو. 1770ع ۽ ان کان پوءِ وارن سالن ۾ ماڻھو پراڻي شھر جي ڳتيل آباديءَ مان نڪري شھر ۾ نيون وسنديون قائم ڪرڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ايڊنبرا جو نئون شھر پراڻي شھر جي مقابلي ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ لڳو.

اسڪاٽلينڊ ۽ برطانيا جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ھتي صنعتي ترقي گھٽ ٿي آھي. ھتي شراب ٺاھڻ، رٻڙ ۽ انجيئرنگ جي سامان جا ڪارخانا آھن پر گلاسگو ۾ وڌيڪ صنعتون قائم ٿيڻ سبب 1821ع کان وٺي گلاسگو جي آبادي ايڊنبرگ کان وڌيڪ آھي[25]. ھن وقت گلاسگو آباديءَ جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ جو پھريون نمبر ۽ ايڊنبرا ٻيو نمبر وڏو شھر آھي.

1998ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ٻيھر بحال ٿي ۽ ان جون آفيسون ايڊنبرا ۾ قائم ڪيون ويون آھن[26]. 2007ع کان اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ کي اسڪاٽلينڊ جي حڪومت (Scottish Government) ڪوٺيو وڃي ٿو [27]. بچاءُ، پرڏيھي معاملن ۽ ٽيڪسيشن کي ڇڏي اسۡڪاٽلينڊ جي باقي سمورن انتظامي معاملن جو سمورو اختيار ھن حڪومت کي حاصل آھي.

انتظام

شھر جا انتظامي معاملا ھتان جي مقامي ڪائونسل جي سپرد آھن. ايڊنبرگ جو ڪاروھنوار 58 چونڊيل نمائندا ھلائين ٿا. مقامي ڪائونسل جي سرواڻي لارڊ پرو ووسٽ (Lord Provost) ڪري ٿو. اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۾ ايڊنبرا شھر جون ڇھ سيٽون آھن. ان سان گڏوگڏ ٽي وڌيڪ سيٽون شھر جي آسپاس وارن علائقن جي نمائندگيءَ لاءِ آھن. برطانيا جي گڏيل پارليامينٽ ۾ ايڊنبرا جون پنج سيٽون آھن.

تعليم

ھن وقت ايڊنبرا ۾ ٽي يونيورسٽيون آھن: ايڊنبرا يونيورسٽي، ھيريوٽ ــ واٽ يونيورسٽي ۽ ايڊنبرا نيپئر يونيورسٽي.

ايڊنبرا يونيورسٽي 1583ع ۾ قائم ٿي ۽ ھيءَ اسڪاٽلينڊ جي پراڻين يونيورسٽين مان ھڪ آھي. اسڪاٽلينڊ ۾ سينٽ اينڊريوز، گلاسگو ۽ ايبرڊين يونيورسٽيءَ کان پوءِ ھيءَ چوٿون نمبر پراڻي يونيورسٽي آھي. ھن يونيورسٽيءَ جو شمار دنيا جي 20 ساک وارين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو.

ھيريوٽ واٽ يونيورسٽي (Heriot-Watt University) ايڊنبرا جي اولاھين حصي ۾ قائم ڪئي وئي آھي. تاريخي طور تي 1821ع ۾ ھتي ھڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج ٺاھيو ويو جنھن کي 1966ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. ھن يونيورسٽيءَ تي اھو نالو اسڪاٽلينڊ جي مشھور سائنسدان جيمس واٽ ۽ مشھور سماجي اڳواڻ جارج ھيريوٽ جي ياد ۾ رکيو ويو. ھن يونيورسٽيءَ جا ڪئمپس اورڪني ٻيٽ، گڏيل عرب امارات ۽ پتراجايا ملائيشيا ۾ قائم ڪيا ويا آھن. برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ اندر ھيءَ يونيورسٽي بہ ساک وارين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي.

  • ايڊنبرا نيپئر يونيورسٽي ھتان جي ٽئين يونيورسٽي آھي. 1986ع ۾ نيپئر ڪاليج کوليو ويو ھو جنھن کي 1992ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي ”ايڊنبرا نيپئر يونيورسٽي“ نالو ڏنو ويو[28].
  • ڪئين مارگريٽ يونيورسٽي (َQueen Margaret University) بہ ھن شھر ۾ قائم ڪئي وئي ھئي پر 2008ع ۾ انھيءَ کي شھر کان 8 ميل پري مسلبرا (Musselburgh) ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي.

ھن شھر ۾ علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيترائي ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويا آھن. انھن ۾ ”ايڊنبرا ڪاليج“، ”رائل ڪاليج آف سرجنس آف ايڊنبرگ“ (Royal College of Surgeons of Edinburgh)، ”رائل ڪاليج آف فزيشينس وف ايڊنبرگ“ (Royal College of Physicians of Edinburgh ) ۽ ”ايڊنبرا ڪاليج آف آرٽس“ (Edinburgh College of Art) خاص اھميت رکن ٿا. ان کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي ڪاليج آھن.

ھن وقت شھر ۾ 18 نرسري، 94 پرائمري ۽ 23 سيڪنڊري اسڪول ڪم ڪري رھيا آھن. ھتي جو ”رائل ھاءِاسڪول“ نه رُڳو اسڪاٽلينڊ پر دنيا جي سڀ کان پراڻن اسڪولن مان ھڪ آھي. آگسٽ 2013ع ۾ ھتي گئلڪ ٻولي ڳالھائيندڙ ٻارن لاءِ پھريون اسڪول کوليو ويو آھي[29].

تھذيب ۽ ثقافت

ميلا

ھتي سڄو سال مختلف قسمن جا ميلا لڳندا رھن ٿا. جن مان ڪجهه خاص ميلن جو ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو:

بين الاقوامي سائنسي ميلو

اسڪاٽلينڊ سائنسي کوجنائن، ايجادن ۽ اعليٰ سائنسي سکيا جي حوالي سان دنيا ۾ چڱي موچاري ساک رکي ٿو. ايڊنبرا ۾ پھريون عالمي سائنسي ميلو 1989ع ۾ لڳو جنھن جو افتتاح خلا ۾ سفر ڪندڙ پھرين خاتون ويلينتينا تيريشڪووا (Valentina Tereshkova) ڪيو[30]. ھي ميلو ھر سال اپريل جي مھيني ۾ منعقد ٿئي ٿو. ھن ميلي ۾ برک سائنسدان، تعليمي ادارا، سائنسي تنظيمون، کوجنا جا ادارا ۽اسڪولن جا ٻار شريڪ ٿين ٿا.

ٻارن جو عالمي ميلو

ھي ميلو 1990ع ۾ شروع ٿيو ۽ ھر سال گرمين جي موڪلن ۾ منعقد ٿئي ٿو. ھن ميلي ۾ اٽڪل 10000 مائٽ، ٻار، اسڪول ۽ ننڍڙا فنڪار شريڪ ٿين ٿا. ميلي ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ جامقابلا، پتلين جا تماشا، ٻارن جا ٿيٽر ۽ ٻيون ٻارن جي دلچسپيءَ جون تقريبون شامل ھونديون آھن. ھي ميلو نو ڏينھن ھلي ٿو[31].

ايڊنبرا جو بين الاقوامي فلمي ميلو

ھيءُ فلمي دنيا جو سڀ کان پراڻو ميلو آھي جيڪو 1947ع کان وٺي اڄ تائين ھر سال ايڊنبرا ۾ منعقد ٿيندو آھي. ھن ميلي ۾ برطانيا ۽ باقي دنيا جا وڏا وڏا اداڪار، فلمساز، پروڊيوسر ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻھو شريڪ ٿيندا آھن. ھن ميلي ۾ چونڊ فلمون ۽ ڊاڪيومينٽريون بہ ڏيکاريون وينديون آھن. فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواھشمند نوجوانن لاءِ تربيتي سيمينار منعقد ڪرايا وڃن ٿا. چونڊ فلمن کي ايوارڊ بہ ڏنا وڃن ٿا.

ايڊنبرا جو بين الاقوامي ميلو

ايڊنبرا جو بين الاقوامي ميلو (Edunburgh International Festival) بہ فلمي ميلي وانگيان 1947ع ۾ شروع ٿيو. ھي بنيادي طور موسيقيءَ جو ميلو آھي جنھن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل نالي وارا راڳيندڙ پنھنجي پنھنجي فن جو اظھار ڪن ٿا. ھن ميلي ۾ اوپيرا، ٿيٽر، ڊانس، ڪلاسيڪي موسيقي ۽ ٻيا ثقافتي رنگ شامل ھوندا آھن. ھيءُ ميلو يورپ ۽ ٻي دنيا ۾ تمام گھڻو مقبول آھي ۽ ميلي دوران شھر ۾ ماڻھن جا انبوھہ گڏ ٿي ويندا آھن. ميلي وارن ڏينهن دوران هوٽلن جي مسواڙ وڌي ويندي آهي. [32]

فن جو عالمي ميلو

ٻين ميلن وانگيان ايڊنبرا ۾ فن جو ھي ميلو (Edinburgh Art Festival) بہ ھر سال ڌام ڌوم سان ملھايو وڃي ٿو جنھن ۾ مصوري، خطاطي، چترڪاري، پينٽنگ ۽ ٻين فن سان واسطو رکندڙ نمائشن ۽ تقريبن جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو. ھن ميلي ۾ نوجوانن جي خاص ھمت افزائي ڪئي وڃي ٿي تہ ھو پنھنجو ٽيلينٽ دنيا جي آڏو ظاھر ڪن ۽ پنھنجن فن پارن جي نمائش ڪن.

ايڊنبرا جي شاھي فوجي نمائش

ايڊنبرا جي شاھي فوجي نمائش (Royal Edinburgh Military Tattoo) ھتان جي مشھور ترين ميلن مان ھڪ آھي جنھن ۾ ھر سال لڳڀڳ 220000 ماڻھو شريڪ ٿين ٿا. ھن نمائش ۾ فوجي ساز ۽ موسيقي، جنگي ڪرتب، قومي ترانا، وطن جي محبت جا گيت، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيار، فوجي لباس ۽ اھڙي قمم جون ٻيون نمائشون، تقريبون ۽ پروگرام شامل ھوندا آھن.

ايڊنبرا جو عالمي ڪتابي ميلو

ھي ميلو ڪتابن ۽ مطالعي جي شوَقين ماڻھن کي ھڪ بين الاقوامي پليٽ فارم مھيا ڪري ٿو. ھي ميلو فقط پسند جا ڪتاب خريد ڪرڻ جي جڳھہ ناھي پرَ ھڪ اھڙو ميڙ آھي جنھن ۾ دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ، علم جا اڪابر، ادب جو نوبيل انعام حاصل ڪندڙ شخصيتون، مورخ ۽ ليکڪ پنھنجا ويچار ونڊيندا آھن.

ايڊنبرا جي قلعي تان شھر جو ھڪ ڏيک

ايڊنبرا جا عجائب گھر، لائبرريون ۽ گئلريون

ايڊنبرا ۾ ڪيترائي عجائب گھر ۽ لائبرريون آھن جن ۾ اسڪاٽلينڊ جو قومي عجائب گھر (National Museum of Scotland)، اسڪاٽلينڊ جي قومي لائبرري (National Library of Scotland)، قومي جنگي عجائب گھر (National War Museum)، ايڊنبرا جو ميوزيم (Edinburgh Museum)، سرجن ھال عجائب گھر (Surgeon's Hall Museum)، ليکڪن جو عجائب گھر (Writer's Museum)، ٻالڪپڻي جو عجائب گھر Museum of) Childhood)۽ ”اسان جي متحرڪ زمين“ (Our Dynamic Earth) شامل آھن. ھتي ”ميوزم آف مائونڊ“ (Museum of Mound) جي نالي سان بہ ھڪ عجانب گھر آھي جنھن ۾ ناياب سڪا، ڪرنسي نوٽ ۽ ناڻي سان واسطو رکندڙ شيون رکيل آھن. ھتي ھڪ عظيم الشان چڙيا گھر پڻ آھي جنھن کي ”ايڊنبرا زُو“ (Edinburgh Zoo) ڪوٺيو وڃي ٿو. ھيءُ چڙيا گھر 82 ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي جنھن ۾ قسمين قسمين جانور ۽ پکي ڏسي سگھجن ٿا. ھتي برطانيا جي راڻيءَ جي استعمال ۾ رھندڙ سامونڊي ٻيڙو بہ سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رھي ٿو. اھو ٻيڙو 1954ع کان 1997ع تائين راڻي ايلزبيٿ ثاني جي استعمال ۾ رھيو. ھن ٻيڙي کي ”برطانيا جو شاھي ٻيڙو“ (The Royal Yacht Britannica) ڪوٺيو وڃي ٿو. ايڊنبرا ۾ پنج قومي گئلريون آھن. ان کان علاوہ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ننڍيون آرٽ گئلريون آھن. اسڪاٽلينڊ جي قومي گئلريءَ (Scottish National Gallery) ۾ چترڪاريءَ ۽ مصوريءَ جون قومي سطح جون نمائشون منعقد ٿين ٿيون. مقامي چترڪارن کي پنھنجا فن پارا ڏيکارڻ لاءِ ننڍيون آرٽ گيلريون ۽ ڪجهه دڪان مخصوص ڪيا ويا آھن[33].

رانديون

اسڪاٽلينڊ جي ٻين علائقن وانگيان ايڊنبرا جا ماڻهو بہ راندين جا ڪوڏيا آهن. هتي جي سڀ کان مشهور راند فوٽ بال آهي. ”هارٽ آف مڊلوٿيان“ (Heart of Midlothian) ۽ ”هبرنين“ (Hibernian) هتان جون مشهور فوٽ بال ٽيمون آهن. هنن ٽيمن کي مختصر طور تي ”هارٽس“ ۽ ”هِبس“ ڪوٺيو وڃي ٿو. هارٽس 1874ع ۾ ۽ هبس 1875ع ۾ وجود ۾ آيون. هنن ٻن ٽيمن کان علاوھ شهر ۾ ڪجهه ٻيون ننڍيون ٽيمون پڻ آهن.

”رگبي“ راند بہ ھتان جي من پسند راندين مان ھڪ آھي. اسڪاٽلينڊ جي قومي رگبي ٽيم ۽ پروفيشنل رگبي يونين جون ٽيمون ”مري فيلڊ اسٽيڊيم“ (Murrayfield Stadium)۾ پنھنجون مئچون کيڏنديون آھن. ھيءُ اسڪاٽلينڊ جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڊيم آھي جنھن ۾ 67144 ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش آھي. ھن شھر ۾ رگبيءَ جون پنج ٻيون ٽيمون پڻ آھن.

ھتي ڪرڪيٽ جو گرائونڊ بہ موجود آھي جيڪو اسڪاٽلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ھوم گرائونڊ آھي. آئيس ھاڪي، بيسڪيٽ بال، ڊوڙ جا مقابلا ۽ ٻيون رانديون پڻ کيڏيون وڃن ٿيون.

ايڊنبرا جا مشهور ماڻهو

ايڊنبرا حقيقت ۾ يورپ جي تمام سُهڻن شهرن مان هڪ آهي ۽ تاريخي ۽ علمي ادبي دنيا جي آفاقي ڪردارن جو وارو شهر آهي. جهڙوڪ:

  1. جان ناڪس John knox
  2. ميري ڪئُين آف اسڪاٽس Mary Queen of Scots
  3. رابرٽ لوئس اسٽيوينس Robert Louis Stevenson
  4. سر آرٿر ڪونن ڊائل Sir Arthur Conon Doyle
  5. اليگزينڊر گراهم بيل Alexander Graham bell
  6. سر والٽر اسڪاٽ Sir Walter Scott
  7. پرنس چارلي Bonnie Prince Charlie

وغيره سندس عظمت جي عاليشان علامت آهن.

حوالا

  1. "Flag Institute, Edinburgh (Midlothian)". حاصل ڪيل 13 April 2024. 
  2. Bartram, Graham (2004). British Flags and Emblems. Flag Institute. p. 64. "All the cities, and most of the towns, in the UK have coats-of-arms, and many of them use banner of these arms on their civic buildings and on the official car of their Mayor, Provost, Lord Mayor or Lord Provost. As with armorial county flags they are technically for the sole use of the city or town's council, but in some cases they are used more widely. Many councils also use their logo as a basis for a flag." 
  3. Collett, Richard. "How Many Cities in Scotland? Everything You Need to Know.". Travel Tramp. حاصل ڪيل 7 June 2024. 
  4. "Thomas Brinkhoff: City Population, United Kingdom: Major Cities in Scotland". حاصل ڪيل 1 September 2023. 
  5. "Thomas Brinkhoff: City Population, United Kingdom: Urban Areas in Scotland". حاصل ڪيل 1 September 2023. 
  6. "Standard Area Measurements (2016) for Administrative Areas in the United Kingdom". حاصل ڪيل 1 September 2023. 
  7. "Edinburgh, United Kingdom Forecast : Weather Underground (weather and elevation at Queensferry Road, Edinburgh)". The Weather Underground, Inc. وقت 8 October 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 September 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. سانچو:Scotland settlement population citation
  9. 9.0 9.1 سانچو:United Kingdom district population citation
  10. ""Metropolitan Area Populations".". وقت 3 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 March 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "Regional gross domestic product: all ITL regions". Office for National Statistics. حاصل ڪيل 15 May 2024. 
  12. "Edinburgh | Geography, History, & Points of Interest". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-02. 
  13. "City of Edinburgh Council Area Profile". www.nrscotland.gov.uk. حاصل ڪيل 2019-12-05. 
  14. "QS World University Rankings 2020". Top Universities. حاصل ڪيل 2019-12-10. 
  15. Invest in Edinburgh. "Financial Services". وقت 3 October 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 October 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. "Edinburgh by Numbers 2019". www.edinburgh.gov.uk. City of Edinburgh Council. وقت 8 March 2021 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 May 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. Earliest evidence found of settlers in Scotland: hazelnuts and stone tools excavated near Edinburgh date to around 8500 BC, British Archaeology News, Issue 60, August 2001
  18. Coghill H.; Lost Edinburgh: Edinburgh's Lost Architectural Heritage, Birlinn, 2005, ISBN: 978-1-84158-747-9
  19. Ritchie J.N.G., Ritchie A.; Edinburgh and South-east Scotland, Heinemann Educational, 1972, ISBN: 0435329715
  20. Driscoll S.T., Driscoll S., Yeoman P.; Excavations Within Edinburgh Castle in 1988-91, Society of Antiquaries of Scotland Monograph, 1998, ISBN: 978-0-903-903127
  21. Daiches, D. (1978), Edinburgh, Hamish Hamilton, ISBN: 978-0-241-89878-9
  22. Dickinson, W C (1961), Scotland, From The Earliest Times To 1603, Edinburgh, Thomas Nelson
  23. Donaldson, G. (1967), Scottish Kings, Batsford
  24. Scott, P. (1979); 1707: The Union of Scotland and England, Chambers, pp. 51–54, ISBN 978-0-550-20265-9
  25. Pryde G.S. (1962), Scotland from 1603 to the present day, Nelson, p. 141. Population figures for 1801 – Glasgow 77,385; Edinburgh 82,560; for 1821 – Glasgow 147,043; Edinburgh 138,325
  26. http://www.legislation.gov.uk/ukpga/1998/46
  27. http://news.bbc.co.uk/2/hi/uk_news/scotland/6974798.stm, last visited on 16 December 2019
  28. "Edinburgh Napier University guide" (en-GB ۾). The Telegraph. 2016-06-29. ISSN 0307-1235. https://www.telegraph.co.uk/education/0/edinburgh-napier-university-guide/. 
  29. "Iomairt Ghàidhlig Dhùn Èideann | A' Leasachadh na Gàidhlig ann am Prìomh-Bhaile na h-Alba : Developing Gaelic in Scotland's Capital City". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-20. 
  30. "Edinburgh International Science Festival - This is Edinburgh". edinburgh.org. حاصل ڪيل 2019-12-12. 
  31. "Edinburgh International Children's Festival | This is Edinburgh". edinburgh.org. حاصل ڪيل 2019-12-12. 
  32. لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون (عبدالحئي پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2019-12-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-12-29 
  33. "Shopping on Princes Street & George Street Edinburgh | Visit Scotland". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-22.