Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن هلو

بيلٽ پيپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيلٽ پيپر (ballot paper) ھڪ قسم جو ڳجهي ووٽ ڏيڻ جو ھڪ ذيعو آھي. اھو اھڙو پرنٽ ٿيل ڪاغذ آھي جيڪو اليڪشن دوران ووٽر جي تصديق کان پوءِ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر آن کي ڪائونٽر فوائل کان ڌار ڪري ان پٺيان دستخط ڪري اسٽيمپ لڳائي ووٽر کي جاري ڪندو آهي. جنھن تي چونڊڻ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا نالا ۽ انھن جا اليڪشن نشان symbols ڇپيل ھوندا آھن . ووٽر مخفي طرح پنھنجي پسند جي اميدوار جي نشان تي ٺپو لڳائي، ان کي ويڙهي بيلٽ باڪس ۾ وجهندو آهي. پولنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ انهن جي ڳڻپ ووٽ جي حيثيت سان ٿيندي آهي. بيليٽ پيپر اليڪشن جي سامان ۾ حساس سامان سڏبو آهي جنهن جي سختي سان نگراني ٿيندي آهي. پاڪستان ۾ اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرن جي ڇپائي پاڪستان پرنٽنگ پريس کان ڪرائيندي آھي جتي ملڪ جي ڪرنسي جي ڇپائي ٿيندي آهي.