Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن هلو

پارٿيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پرٿوُ کان چوريل)
پارٿيا
𐎱𐎼𐎰𐎺
Location of پارٿيا

پارٿيا (Parthia)؛ (𐎱𐎼𐎰𐎺 :Parθava)؛ (𐭐𐭓𐭕𐭅: Parθaw)؛ (پالی: 𐭯𐭫𐭮𐭥𐭡𐭥: Pahlaw) هڪ تاريخي علائقو آهي جيڪو اتر اوڀر ايران ۾ واقع آهي. اهو 7 صدي قبل مسيح دوران ميڊز (Medes) جي سلطنت طرفان فتح ڪيو ويو ۽ 6ھین صدي ق.م م سائرس اعظم طرفان ھخامنشی سلطنت جی ماتحت ڪيو ويو ويو ۽ 4ھین صدي ق.م م سکندر اعظم طرفان سیلیوسد سلطنت جی ماتحت ڪيو ويو. اهو علائقو بعد ۾ مشرقي ايراني پارني ماڻهن ۽ ارسيڊ خاندان، پارٿين سلطنت جا حڪمران (247 ق.م. کان 224ع) جي سياسي ۽ ثقافتي بنياد طور ڪم ڪيو. ساساني سلطنت، اسلام کان اڳ ايران جي آخري رياست، پڻ علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ستن پارٿين قبيلن کي پنهنجي جاگيردارانه اشرافيه جو حصو بڻائي رکيو.

سنڌ ۾ پارٿیئن

[سنواريو]

سنڌ ۾ سیٿيئن (Scythian) کانپوءِ پارٿیئن آيا. پيريپلس ۾ ڄاڻايل آهي، ته پهرئين صدي عيسويءَ ۾ اهي سیٿيئن ۽ پارٿیئن سنڌ ۾ پاڻ ۾ پئي وڙهيا ۽ هڪ ٻئي کان زور ٿيڻ جي جاکوڙ پئي ڪيائون. پر "چورن مٿان مور ٻيا"، وچائين "ڪشن" آيا، جي زور ٿيا.

ڪش گهراڻي جي "راجا ڪنشڪَ" ٻڌ ڌرم کي گهڻو زور وٺايو، جنهنڪري سنڌ سميت سڄي اتر هندستان ۾ اهو ڌرم هيڪاري وڌيو ۽ پکڙيو، کانئس پوءِ واسديو پهريون، ۽ واسديو ٻيو، سنڌ جا حاڪم ٿيا. موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ٻيا هنڌ جتي ٻڌ ڌرم وارن جا "ٺل" ٺهيل آهن، سي ٺل انهيءَ وقت ۾ ٺهيا هئا. [1]

حوالا

[سنواريو]