Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

کاٻي ڌر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کاٻي ڌر يا ليفٽ (The left) عام طور سياسي ماهرن وٽ کاٻي ڌرجو ذڪر اشتراڪي نظريئي جي حوالي سان اچي ٿو. پر حقيقت ۾ 1789ع واري فرانسيسي انقلاب کانپوءِ هن اصطلاح زور وٺڻ شروع ڪيو. فرانس جي اعليٰ اختياراتي اداري ”ايسٽيٽ جنرل“ (جنهن جي حيثيت پارليامينٽ جي برابر هئي) جي اجلاس ۾، رڪنن جي ويهڻ جو انتظام اهڙي طرح ڪيو ويو، جو بادشاهه جي حمايتين کي ساڄي هٿ ۽ مخالفن کي کاٻي هٿ تي ويهاريو. جنهن کان پوءِ اهو اصطلاح مشهور ٿيو. کاٻي هٿ تي ويٺل ميمبر انقلاب جا حمايتي ۽ ترقي پسند سوچ رکڻ وارا هئا ۽ ساڄي هٿ تي ويهڻ وارا بادشاهي راڄ واري روايتي سوچ جا حامي هئا. هاڻوڪي دور ۾ ان اصطلاح هيٺ، ڪا به ڌُر ڪنهن به سياسي نظام ۾ اهڙن حلقن جي نمائندگي ڪري ٿي، جيڪي سماجي تبديليءَ جي ذريعي وڌيڪ مُهذب ۽ انسان دوست سماجي ۽ سياسي سرشتي جي بحاليءَ تي زور ڏين ٿا. مُختلف فڪري نظرين ۽ روين جي هيٺ هُئڻ ڪري، ”کاٻي ڌر“ جا مُختلف قسم آهن. منجهائن ڪي بلڪل ڪٽر، ڪي وچٿرا، ته ڪي وري اولهه جي جمهوري نظام جي بلڪل ابتڙ/ ويجهو آهن.[1]”کاٻي ڌر جا“ دراصل سياسي حقن جي جدوجهد جو اصطلاح آهي، جيڪو سجاڳيءَ واري دور ۾ يورپ ۾ شروع ٿيو. کاٻي ڌر وارا عام طرح لبرل ۽ روشن خيال فڪر جا مالڪ هئڻ سان گڏ حڪومت نواز ڌرين ۽ رجعت پسندن جا مخالف هئا، جيڪي مذهبي تنگدلي ۽ رجعت پسند خيالن جي ڪري ترقيءَ جا مخالف هئا. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادب ۾ترقي پسند لاڙي زور ورتو ته سنڌي اديب واضح طور ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا ساڄي ڌر وارا اديب ته ٻيا کاٻي ڌر وارا اديب هئا. کاٻي ڌر وارا اديب ترقي پسند ۽ انقلابي سوچ وارا ۽ مروج نظام کي بدلائڻ جا حامي هئا، هو سنڌ جي صوفي شاعرن جي انقلابي تصوف جا به حامي هئا، ۽ روشن خيال، سيڪيولر قدرن جي نمائندگي ڪندا رهيا آهن. [2].

حوالا[سنواريو]

  1. Left | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي