Svoboda | Graniru | BBC Russia | Golosameriki | Facebook
مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ڪاميڊي آف مينرس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاميڊي آف مينرس (Comedy of Manners) ڊرامي ۾ اڪثر ڊراما نگار معاشري جي ريتن رسمن تي ٺٺولي ڪندا آھن. ھن ڊرامي جو وڏو دخل مڪالمن تي ھوندو آھي. ھي ڊراما اصل ۾ وڏن گهراڻن جي ريتن رسمن تي ٺٺولي ھوندا آھن، جن ۾ گهڻو ڪري اصول ۽ طرز زندگي جا ڪوڙا محل ٺھيل ھوندا آھن. ھنن ڊرامن کي سمجهڻ لاءِ سمجهدار ذھنن جو ھجڻ ضروري ھوندو آھي. انگريزي ڊرامي جي تاريخ ۾ جان ڊرائڊن (1631-1700ع) ھن قسم جو وڏو ڊراما نگار ھو. سنڌي ڊرامي ۾ پڻ ھن قسم جا ڪيترائي مثال موجود آھن، جن ۾ امر جليل جو ”مٽيءَ جا ماڻهو“، عبدالقادر جوڻيجي جو ”خانصاحب“ وغيره اھم آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.